باغ علي خان خائف

باغ علي خان ’خائف ‘:باغ علي خان ’خائف‘ 12 صديءَ هجري جو، سنڌ جو فارسي شاعر ٿي گذريو آهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي تحقيق ۽ تصنيف ’تڪملة التڪملة‘ (سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو آخري دور) ۾ باغ علي خان ’خائف‘ بابت ڄاڻايو آهي ته:
باغ علي خان جي زندگيءَ جو احوال دستياب نه ٿي سگهيو آهي، البته سندس تصنيف ’نامه مغز‘ ملي ٿي، جيڪا 12 صدي هجريءَ ۾ لکي وئي. هو سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي (وفات 1167هه/1753ع جو نوازيل شخص هو ۽ فارسي ۾ شاعري ڪندو هو ۽ ’خائف‘ تخلص رکندو هو. خائف، فردوسيءَ جي شاهنامي جي بحر ۾ ڪلهوڙن جي منظوم تاريخ نامه مغز، نالي 1155هه/1742ع ۾ لکڻ شروع ڪئي ۽ نادر شاهه جي قتل واري سال 1160هه/1747ع ۾ لکي پوري ڪئي، ’نامه مغز‘ ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي، ميان دين محمد ڪلهوڙي، ميان يار محمد ڪلهوڙي، سندس فرزند ميان مير محمد ڪلهوڙي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي شان ۾ مواد موجود آهي. ان کانسواءِ ”نامه نغز“ ۾ باغ علي خائف نادر شاهه افشار ۽ درانين جي ڦرلٽ جا اکين ڏٺا احوال قلمبند ڪيا آهن ۽ آخر ۾ نادر شاهه جي قتل واري واقعي کي بيان ڪري ڪتاب لکي پورو ڪيائين. يعني هي مثنوي 1155هه/1742ع کان لکڻ شروع ڪيائين ۽ 1160هه/1747ع ۾ لکي پوري ڪيائين تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور ۾ غلام رسول مهر ڄاڻائي ٿو ته، ”باغ علي خائف پنهنجي هن مثنوي کي ٽن حصن ۾ ورهايو آهي، مثنوي جي پهرين حصي ۾ 4048 شعر، ٻئي حصي ۾ 817 شعر ۽ ٽئين حصي ۾ 384 شعر موجود آهن، يعني سڄي مثنوي ۾ ڪل 6249 شعر موجود آهن، سندس مثنويءَ مان خدا آباد بابت هڪ شعر هيٺ ڏجي ٿو:
هوا خوش دل و باغيان دلپذير
خدا آباد شهر است جنت نظير
] خدا آباد جو شهر سچ پچ جنت جو نمونو آهي، هن شهر جي هوا دل کي خوش ڪري ٿي ۽ هن جا باغ دل وندرائيندڙ آهن[ .


هن صفحي کي شيئر ڪريو